ڏيپچند. ٽي اوجها

ڏيپچند. ٽي اوجها

ڏيپچند ٽي اوجها

ڏيپچند. ٽي اوجها: مشھور سماجي اڳواڻ ڏيپچند تيجڀانداس اوجها جو جنم 1872ع ڌاري ٺٽي ۾ ٿيو. سندس وڏا جيسلمير (موجوده هندستان) مان لڏي اچي ٺٽي (سنڌ) ۾ ويٺا ۽ آيرويد جي طبي ميدان ۾ مھارت سبب مشھور هئا. ڏيپچند جي والد تيجڀانداس جو ٺٽي ۾ آيرويدي دوائن جو پنھنجو ذاتي ڪاروبار هو. ڏيپچند اوجها، پنھنجي تعليم ڊي. جي سائنس ڪاليج (ڪراچي) مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڪراچي ميونسپالٽيءَ ۾ چيف ڪلرڪ طور ڀرتي ٿيو. بعد ۾ ڪراچي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ چيف ڪلرڪي دوران 1897ع ۾ بار جو امتحان پاس ڪري سکر ڪورٽ جو سب آرڊينيٽ جج مقرر ٿيو. 1902ع ۾ صدر ڪورٽ، ڪراچيءَ ۾ رجسٽرار ۽ پوءِ آزاد وڪيل طور وڪالت شروع ڪئي. 1908ع ۾ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو چيئرمئن، ان جي اسڪول بورڊ جو چيئرمئن ۽ پوءِ ميونسپالٽيءَ جو نائب صدر مقرر ٿيو. 1920ع جي ابتدا ۾ بمبئي قانونساز ڪائونسل جو رڪن بڻيو. 20/1918ع ڌاري ڏيپچند، لياريءَ ۾ هڪ اسڪول پڻ قائم ڪيو. 1925ع ۾ سندس اڪيلو پٽ ڪرشنداس سلھه (ٽي. بي) جي مرض وگهي فوت ٿيو، جنھن جي ياد ۾ هن، 1938ع ۾ پنھنجي وفات کان اڳ پنجاهه هزار روڪ رقم ۽ ڪجهه ملڪيت پنھنجي ننڍي ڀاءُ سکرامداس جي حوالي ڪئي. جنھن ڏيپچند جي وصيت موجب ’آيرويدڪ ٽيوبرڪلوسز ريليف ائسوسيئيشن‘ قائم ڪئي. ان تنظيم/ اداري جو چيئرمئن ڪراچيءَ جو تڏهوڪو ميئر جمشيد نسروانجي مھتا ۽ سيڪريٽري سيٺ منو ڀائي ڊونگرسي مقرر ٿيا. اڳتي هلي مدن پالي (آنڌرا پرديش) ۾ قائم ’يونائيٽڊ مشن ٽيوبرڪلوسز سينيٽوريم‘ جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ’ڊاڪٽر فريموٽ مولر‘ ان رليف ائسوسيئيشن جي جاءِ تي ’ٽي. بي سينيٽوريم‘ قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني، جنھن لاءِ انگريز سرڪار ديھه صفوران ۾ 127 ايڪڙن جي زمين عطيو ڪئي. اهڙي ريت 16 جون 1939ع تي تڏهوڪي صوبائي وزير نھلچنداس وزيراڻي، ’ڏيپچند ٽي اوجها‘ جي نالي پٺيان ان ٽي بي سينيٽوريم جو بنياد رکيو. جڏهن ته 8 جنوري 1942ع تي هندستان جي وائسراءِ ۽ گورنر جنرل لارڊ لنلٿگؤ (Lord Linlithgow) هن سينيٽوريم جو باقاعده افتتاح ڪيو. ٻي عالمي جنگ دوران هن اداري جي عمارت کي آمريڪي آرمي بيس، جنگي قيدين ۽ پولينڊ جي پناهگيرن جي رهائش طور استعمال ڪيو ويو. 1946ع ۾ ’ڏيپچند ٽي. اوجها ٽي. بي سينيٽوريم‘ ٻيھر بحال ٿيو. ورهاڱي کان پوءِ اداري جا صرف ٽي ٽرسٽيز: جمشيد نسروانجي مھتا، سردار گبول ۽ مسز شاهاڻي سنڌ ۾ رهيا ۽ ٻيا لڏپلاڻ ڪري هندستان هليا ويا، تنھنڪري ڪجهه وقت لاءِ ادارو پاڪستاني حڪومت جي حوالي رهيو. 1949ع ۾ جمشيد مھتا جي ذاتي ڪوششن سان ادارو بحال ٿيو، مگر ان کي جناح سينٽرل اسپتال جو شعبو/ حصو قرار ڏنو ويو، جنھن بعد ڊاڪٽر اي. ڪي شريف، پروفيسر ايم. اي. ايڇ صديقي، ڊاڪٽر ايس. اي حسين ۽ ڊاڪٽر ياد جي سربراهي ۾ هي شعبو ڪم ڪندو رهيو. ڊسمبر 1957ع ۾ هن اداري کي ٻيھر خودمختيار حيثيت ۾ بحال ڪيو ويو ۽ ڊاڪٽر اي. ڪي شريف ان اداري جو پھريون ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. 1961ع ۾ هن ٽي. بي سينيٽوريم کي وڌيڪ بھتر ۽ جديد بنائڻ خاطر سنڌ حڪومت طرفان 47 لک روپين جو فنڊ ڏنو ويو. 1967ع ۾ هن سينيٽوريم جي عمارت کي وڌائي پنج بلاڪ قائم ڪيا ويا. 1973ع ۾ هن سينيٽوريم کي ’اوجها انسٽيٽيوٽ آف چيسٽ ڊزيزز‘ طور اپگريڊ ڪيو ويو. ان عرصي دوران ڊاڪٽر ياد پنھنجي وفات (10 جولاءِ 1978ع) تائين ’اوجها سينيٽوريم‘ جو ڊائريڪٽر رهيو. چيسٽ ڪلينڪ، جتي هاڻوڪو سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (SIUT) واقع آهي، اوجها انسٽيٽيوٽ آف چيسٽ ڊزيز جو حصو هئي، جنھن جي سربراهه ڊاڪٽر غزاله انصاري هئي. 1994ع ۾ هن انسٽيٽيوٽ کي ايف سي پي ايس پاران تسليم ڪيو ويو. 2003ع کان هي انسٽيٽيوٽ ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز ڪراچي جي هڪ آئيني اداري طور ٽي. بي جي چڪاس، جديد علاج، ضابطي ۽ تحقيق لاءِ مشھور آهي. هتي روزاني سوين مريضن کي مفت طبي سھولتون مھيا ڪيون وڃن ٿيون. ان کانسواءِ ٽي. بي جي مريضن لاءِ ويجهڙائيءَ ۾ انتھائي نگھداشت وارو يونٽ پڻ قائم ڪيو ويو آهي. هتي علاج سان گڏوگڏ پوسٽ گريجوئيٽ شاگردن/ شاگردياڻين کي ايف سي. پي ايس (پلمونولوجي/ ڦڦڙن جي بيمارين)، ڊپلوما ان ٽيوبر ڪلوسز اينڊ چيسٽ ڊزيزز جا پروگرام پڻ ڪرايا وڃن ٿا. هن وقت هن اداري ۾ هڪ مکيه اسپتال جو بلاڪ، سرجيڪل ٿيٽر، مرڪزي رڌڻو، ننڍڙو بجلي گهر، آٽوميٽڪ لانڊري ائنڊ اسٽرلائيزيشن (طبي اوزارن جي جراثيم مار صفائي) جو يونٽ، نرسن لاءِ هاسٽل ۽ ٻئي طبي عملي لاءِ ڪوارٽر، هڪ عدد ليبارٽري، ريڊيالاجي شعبو، ڊسپينسري وغيره موجود آهن. هن وقت اوجها انسٽيٽيوٽ آف چيسٽ ڊزيزز (OICD) جو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر افتخار احمد آهي.


لفظ ڏيپچند ٽي اوجهاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو